ٻوهئي جون تحريرون

ٻوهئي جون تحريرون (ڪتاب ):ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي تحريرن جو پهريون جلد، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ناز سنائيءَ ترتيب ڏئي، 1994ع ۾ ڇپايو آهي. پڪي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي 246 صفحن تي مشتمل آهي. هن خوبصورت ڪتاب جي قيمت 75 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ٻوهئي صاحب جا ٻه مضمون، پنج انٽرويو، مختلف ڪتابن جا لکيل پنج مهاڳ، ٻه تقريرون ۽ هڪ مذاڪري جي رپورٽ شامل آهي. هن ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾ مرتب کي نصير سارنگ، مختيار ملڪ، آزاد انور ڪانڌڙي، يوسف سنڌيءَ ۽ منصف چنا مدد ڪئي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو